اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ادارن ۾ بغاوت ڪيس ۾ اسپيشل پراسيڪيوٽر جي مقرري خلاف شهباز گل جي درخواست رد ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسپيشل پراسيڪيوٽر راجا رضوان عباسي جي مقرري کي قانون موجب قرار ڏئي ڇڏيو.چيف جسٽس عامر فاروق اسپيشل پراسيڪيوٽر جي مقرري خلاف دليل مڪمل ڪرڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو.پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل ٽرائل لاءِ اسپيشل پراسيڪيوٽر جي مقرري کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لکت واري حڪم ۾ چيو آهي ته چيف ڪمشنر جي درخواست تي گهرو وزارت راجا رضوان عباسي کي اسپيشل پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو، فوجداري ضابطه جي سيڪشن 492 تحت اسپيشل پراسيڪيوٽر مقرر ڪري سگهجي ٿو.اسپيشل پراسيڪيوٽر جي وڪيل چيو ته جوابدار کي پنهنجي پسند جو وڪيل چونڊڻ جو حق آهي، پراسيڪيوٽر جي چونڊ ڪرڻ جو حق ناهي.










