گلگت جو مسئلو جي ايڇ ڪيو نه پر پارليمان ۾ حل ٿيڻ کپي،مريم

گلگت جو مسئلو جي ايڇ ڪيو نه پر پارليمان ۾ حل ٿيڻ کپي،مريم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته گلگت بلتستان سياسي مسئلو آهي جيڪو جي ايڇ ڪيو نه پر پارليامينٽ ۾ حل ٿيڻ گهرجي. فوج کي سياسي معاملن ۾ نه پوڻ گهرجي، سياستدانن کي گهرائڻ به نه گهرجي ۽ نه ئي سياستدانن کي وڃڻ گهرجي ها. اهڙو اظهار هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.

مريم نواز پنهنجي مڙس سان گڏ عدالت ۾ آئي ۽ عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. مريم نواز چيو ته آرمي چيف سان شهباز شريف ۽ سندس پارٽي اڳواڻن جي ملاقات جي خبر ناهي. هن واضح ڪيوته نواز ليگ جي ڪنهن به اڳواڻ آرمي چيف سان ملاقات ناهي ڪئي. سندس اهو جملو خود شيخ رشيد جي شين ليگ واري دعويٰ کي سچ ثابت ڪري ٿو. جيتوڻيڪ مريم نواز آرمي چيف سان ملندڙ اڳواڻن سان گڏ ڪل جماعتي ڪانفرنس ۾ مسلم ليگ (ن) جي نمائندگي ڪئي. هوڏانهن شيخ رشيد چيو ته شين ليگ جو بنياد پئجي چڪو آهي ۽ جنوري ۾ لانگ مارچ کان اڳ اعلان ٿي ويندو. اوهان پاڻ اندازو هڻو ته آرمي چيف سان مسلم ليگي وفد جي ملاقات جي مريم کي خبر ناهي ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ثبوت کپي. هن چيو ته شهباز شريف، احسن اقبال ۽ خواجه آصف جي آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهه فيض حميد سان هڪ نه پر ٻه ملاقاتون ٿيون آهن. پهرين ميٽنگ ۾ شهباز شريف مون سان گڏ هڪ ٽيبل تي ماني کاڌي هئي. احسن اقبال جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته گلگت بلتستان بابت ملاقات ٿي هئي، هڪ ئي ملاقات آهي، ون ٽو ون ملاقات نه ٿي آهي. شيخ رشيد چيو ته ڪمري ۾ نه پر لان ۾ خواجه آصف ۽ احسن اقبال ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سان نويڪلائي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو