گلگت بلتستان ۾ ججن جي مقرري وارو اسٽي ختم

گلگت بلتستان ۾ ججن جي مقرري وارو اسٽي ختم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ گلگت بلتستان ۾ ججن جي مقرري تي اسٽي آرڊر ختم ڪري ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ گلگت بلتستان ۾ ججن جي مقرري بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪري رهي هئي.اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت آرڊر 2018 موجب مقرريون ڪندي، ۽ ان معاملي تي ايڊووڪيٽ جنرل گلگت بلتستان سان ڳالهايو آهي.ان موقعي تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اٽارني جنرل صاحب، ڪو به ناانصافي نه ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ناانصافي ٿيندي ته مسئلا پيدا ٿيندا.جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اسان کي هاڻي ججن جي ريمارڪس جو ڪيس طئي ڪرڻ گهرجي.ٻڌڻي دوران، ججن جي طريقيڪار بابت گلگت بلتستان حڪومت جي درخواست واپس ورتي وئي.بعد ۾ پاڪستان جي اٽارني جنرل ۽ گلگت بلتستان جي ايڊووڪيٽ جنرل جي وچ ۾ ججن جي مقرري جي طريقيڪار تي هڪ معاهدو ٿيو، جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ گلگت بلتستان ۾ ججن جي مقرري تي پابندي ختم ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ گلگت بلتستان ۾ مقررين بابت ٻين درخواستن کي 3 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو