اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان اسيمبلي جي چونڊن جا هينئر تائين جا غير حتمي نتيجا سامهون اچڻ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته جي بي (گلگت بلتستان) ۾ تير جي برسات ٿي رهي آهي، پيپلز پارٽي سڀ کان وڏي جماعت بڻجي اڀري رهي آهي.بلاول ڀٽو زرداري اڪس (Twitter) تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ پيپلز پارٽي سڀ کان وڏي جماعت بڻجي اڀري رهي آهي، اسان حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪنداسين. چيئرمين پيپلز پارٽي چيو ته عوام جي اعتماد تي دل جي گهراين سان شڪرگذار آهيان. واضح رهي ته گلگت بلتستان اسيمبلي جي چونڊن جي هينئر تائين 24 مان 12 سيٽن جا مڪمل غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا سامهون اچي ويا آهن. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب، پاڪستان پيپلز پارٽي 7، آزاد اميدوارن 3، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) ۽ مجلس وحدت مسلمين (MWM) هڪ هڪ سيٽ حاصل ڪري ورتي آهي. گلگت بلتستان اسيمبلي جي تڪ جي بي اي 4، 5، 7، 9، 10، 11 ۽ 19 تي پيپلز پارٽي ڪامياب ٿي، جڏهن ته جي بي اي 22 تي ن ليگ ۽ جي بي اي 8 تي ايم ڊبليو ايم کٽيو آهي، ۽ جي بي اي 3، 23، 24 تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن.










