ايم آءِ 17 هيليڪاپٽر ڪري تباهه، 5 اهلڪار شهيد

ايم آءِ 17 هيليڪاپٽر ڪري تباهه، 5 اهلڪار شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) جو ايم آءِ 17 هيلي ڪاپٽر هڊور ڳوٺ جي ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو.آءِ ايس پي آر چيو ته هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ اڄ صبح 10 وڳي پيش آيو. هيلي ڪاپٽر معمول جي تربيتي پرواز تي هو.انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز چيو ته هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ ٻن ميجرن سميت پنج اهلڪار شهيد ٿيا.فلائيٽ انجنيئر نائب صوبيدار مقبول، ڪرو چيف حوالدار جهانگير ۽ ڪرو چيف نائيڪ عامر شهيدن ۾ شامل آهن.آءِ ايس پي آر موجب، هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ ٽيڪنيڪل خرابي سبب پيش آيو.ياد رهي ته 15 آگسٽ تي خيبر پختونخواه حڪومت جو هڪ سرڪاري هيلي ڪاپٽر مهمند ضلعي ۾ امدادي ڪاررواين تان واپسي دوران ڪري تباهه ٿيو. حادثي ۾ ٻن پائلٽن سميت عملو جا پنج ميمبر شهيد ٿيا هئا.ڪري تباهه ٿيل هيلي ڪاپٽر 20 منٽن تائين اڏامندو رهيو. شروعاتي رپورٽن موجب حادثو خراب موسم ۽ سخت ڪوهيڙي سبب پيش آيو. شهيدن جا ڊي اين اي نمونا ٽيسٽ لاءِ لاهور موڪليا ويا آهن. شهيدن ۾ پائلٽ شاهد سلطان ۽ رٽائرڊ ونگ ڪمانڊر آفتاب شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو