گلاسگو يونيورسٽي جي شاگرد يونين جو صدر سنڌي چونڊجي ويو

گلاسگو (ويب ڊيسڪ) اسڪاٽ لينڊ جي شهر گلاسگو جي ڪيلڊونين يونيورسٽي جي شاگرد يونين جو صدر چونڊجي ويو آهي. هن يونيورسٽي جو هي پهريون غير ملڪي ۽ پهريون پاڪستاني آهي جيڪو وڏي اڪثريت سان صدر چونڊيو ويو. صدر جي چونڊ ۾ 17 اميدوارن حصو ورتو عادل رهو 733 ووٽ کنيا، جڏهن ته سندس حريف 274 ووٽ حاصل ڪيا. عادل رهو ڪراچي مان بزنس مئنيجمينٽ مين گريجوئيشن جي ڊگري  ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي هئي. عادل رهاو سنڌ جي زراعت واري وزير اسماعيل رهو جو فرزند آهي. عادل جو ڏاڏو شهيد فاضل راهو کاٻي ڌر جي عوامي سياست ڪئي، ڊڪٽيٽرن کي للڪاريو ۽ ڪافي ڀيرا جيل به ويو. عادل راهو اڳ ۾ اسٽوڊنٽس يونين جو نائب صدر به رهي چڪو آهي. هن ڪاميابي تي سڀني ساثي ساگردن جا ٿورا مڃيا.

پهنجو تبصرو موڪليو