گريٽر اسرائيل منصوبي کي سختي سان رد ڪريون ٿا،پاڪستان

گريٽر اسرائيل منصوبي کي سختي سان رد ڪريون ٿا،پاڪستان

جده (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته گريٽر اسرائيلي منصوبو خطي جي امن لاءِ خطرو آهي ۽ ان کي سختي سان رد ڪيون ٿا. جده ۾ اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته غزا ۾ اسرائيلي ظلم عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي آهي، هنگامي اجلاس گهرائڻ تي اسان ترڪيا ۽ ايران جا ٿورائتا آهيون.هن چيو ته فلسطين ۾ ڏڪار جي صورتحال آهي، فوري طور قدم کنيا وڃن، عالمي برادري مستقل ۽ غير مشروط جنگبندي لاءِ قدم کڻي، ٻه رياستي حل ئي فلسطين ۾ پائيدار امن جو واحد رستو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان فلسطين مسئلي تي جيڪي تجويزون ڏنيون آهن، انهن ۾ مستقل جنگبندي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل طرفان اسرائيل خلاف سخت قدم کڻڻ سميت ٻيون تجويزون شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو