گرو رام داس جو جنم ڏينهن ملهايو ويو

گرو رام داس جو جنم ڏينهن ملهايو ويو

گهوٽڪي ( عرفان علي سومرو) گهوٽڪي جي گردوارو مندر ۾ گرو رام داس صاحب جو جنم ڏهاڙو ملهايو ويو جنم ڏهاڙي جي ٽن ڏينهن واري تقريبن ۾ پوري ملڪ جي هندو برادري جي مرد , عورتن ۽ ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي , گردواري مندر ۾ گرو رام داس جي ميلي ۾ ڀڳتن ڀڳتيون ۽ ڪٿا ڪيترن ڳائي ويٺلن کان خوب داد حاصل ڪيو

ان موقعي ته هندو برادري جي سوين ماڻهن ملڪ جي سلامتي خوشحالي ۽ امن ۽شانتي لاءِ دعائون پڻ ڪيو. ان موقعي ته گرو رام داس جي جنم ڏهاڙي ۾ شريڪ هندو برادري جي ماڻهن ڪامريڊ ڪڪو رام، درشن سنگ، پون ڪمار، مهراج ڪيسرو، رميش لال، راجا لڌو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ صوفين  درويشن ۽ سنتن جي ڌرتي آهي  جن هميشه امن، محبت ۽ شانتي جو پيغام ڏنو آهي هنن چيو ته گرو رام داس صاحب هميشه امن ۽ محبتن جو پيغام ڏنو  اسان کي گهرجي ته اسان صوفين ۽ سنتن جي ڏسيل واٽ تي هلي امن ۽ محبت قائم ڪري ڀائيچاري سان هلو جڏهن ته گرو رام داس جي جنم ڏهاڙي جي ميلي تي سيڪورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو