اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار رکندي پي ٽي آءِ چيئرمين کي ٽرائل ڪورٽ ۾ انڊر ٽيڪنگ لکت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق محفوظ فيصلو ٻڌائيندي عمران خان جا وارنٽ ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست اڪلائي ڇڏي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان ان حوالي سان ٽرائل ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري سگهي ٿو ۽ عمران خان هاءِ ڪورٽ ۾ ڏنل پيشي جي لکت واري خاطري يعني اندر ٽيڪنگ ٽرائل ڪورٽ ۾ ڏيندو. ياد رهي ته ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سندس گرفتاري وارنٽ معطل ڪندي 13 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو. عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو هو جنهن بعد سندس گرفتاري وارنٽ تي پوليس عمل ڪرڻ لاءِ کيس گرفتار ڪرڻ پهتي ته ٻن ڏينهن کان زمان پارڪ لاهور ۾ چڪريون هلنديون رهيون. چيف جسٽس عامر فاروق هڪ موقعي تص چيو ته عدالت اوهانکي رليف ڏنو پر اڄ جيڪا صورتحال آهي اها اوهانجي ڪري ئي آهي.










