اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان شيرين مزاري جي گرفتاري تي ردعمل ڏيندي چيو ته سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ردعمل ۾ عمران خان چيو ته شيرين مزاري کي گهر ٻاهران تشدد ڪري اغوا ڪيو ويو، شيرين مزاري بهادر عورت آهي، اسان جي جدوجهد پرامن آهي، اڄ سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪنداسين.عمران خان چيو ته امپورٽڊ حڪومت سمجهي ٿي ته شيرين مزاري جو آواز دٻايو ويو ته غلط آهي، سڀاڻي لانگ مارچ جو سڏ ڏيندس، امپورٽيڊ حڪومت ملڪ کي انتشار ڏانهن وٺي وڃڻ چاهي ٿي.هن چيو ته هنن پهريان معيشت تباهه ڪئي ۽ هاڻي ملڪ کي انتشار ڏانهن وٺي وڃڻ چاهين ٿا، ملڪ کي انتشار ڏانهن وٺي وڃڻ چاهين ٿا ته جيئن چونڊون نه ٿين.










