ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڄڪلهه عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي عرف پيرڻي جي دوست فرح خان جو ميڊيا تي ڪافي چرچو آهي. حڪومتي حلقن ۾ ته گهڻن کي سندس باري ۾ خبر آهي پر مريم نواز جڏهن لاهور کان اسلام آباد لانگ مارچ ڪيو ته هن فرح بيبي جو ذڪر ڪندي چيو ته هوءَ بشريٰ بي بي جي فرنٽ گرل آهي جنهن رڳو ايس ايس پيز ۽ ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ٻين آفيسرن جي پوسٽنگ ٽرانسفر ۽ ٺيڪن مان 6 ارب روپيا ڪمايا آهن.

جنهن کانپوءِ سندس باري ۾ گهڻن جا ڪن اڀا ٿي ويو ۽ هرڪو سندن بابت معلومات گڏ ڪرڻ ۾ لڳي ويو. روز نيون خبرون اچڻ لڳيون. فرح بيبي شيخوپوره ويجهو سرگوڌا روڊ تي واقع هڪ ڳوٺ ماڇي جي آهي. سندس تعلق شيخ فيملي جي هڪ زميندار گهراڻي سان آهي پر پڙهڻ لکڻ بعد هن لاهور جو رخ ڪيو ۽ مختلف نوڪريون ڪندي رهي. 90 جي ڏهاڪي ۾ سندس ملاقات احسن جميل گجر سان ٿي هن ساڻس شادي ڪري ورتي جنهن بعد هن نوڪري ڇڏي ڏني. ڪجهه اڻ تصديق ٿيل رپورٽن موجب کيس ڪال گرل ۽ ان پيشي سان لاڳاپيل هئڻ جي به دعويٰ ڪئي وئي. احسن گجر مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي جي چونڊ وڙهندڙ چوڌري اقبال گجر جو پٽ آهي. احسن گجر لاهور جي ڊفينس واري علائقي ۾ کيس گهر وٺي ڏنو ۽ ان ئي گهر ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو نڪاح به ٿيو هو.

احسن جميل گجر جنهن جي جگر جو ٽرانسپلانٽ ٿيل آهي، اهو چند ڏينهن اڳ چيڪ اپ لاءِ آمريڪا ويل آهي، جڏهن ته فرح بيبي هن وقت دبئي ۾ آهي. چيو پيو وڃي ته ڪرپشن جي الزامن بعد گرفتاري جي ڊپ کان هو پرڏيهه کسڪي ويا آهن. فرح بيبي بشريٰ بيبي جي اعتماد واري ساهيڙي آهي. شادي کانپوءِ هن کي بني گالا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچ ملي ۽ هوءَ وقت بوقت بني گالا مان پنهنجا فوٽو سوشل ميڊيا تي شيئر به ڪندي رهي.

2018 م جڏهن بشريٰ بيبي جي پهرين مڙس خاور مانيڪا مان ڄايل ڌيءَ سان هڪ واقعو پيش آيو ته ان وقت پاڪپتن جي ڊي پي او رضوان گوندل جيڪو هڪ ايماندار پوليس آفيسر سسمجهو ويندو آهي تنهن کي سي ايم هائوس م طلب ڪري احسن جميل گجر چيو هو ته وڃ ۽ خاور مانيڪا کان معافي وٺ. ان معاملي جو تڏهوڪي چيف جسٽس ثاقب نثار از خود ڪاروائي جو نوٽيس به ورتو هو. احسن جميل گجر جيڪو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو هو تنهن جا خاور فريد مانيڪا جي خاندان سان انتهائي ويجها لاڳاپا آهن، گجر عدالت ۾ چيو هو ته هو مانيڪا جي ٻارن جو گارڊين يعني سنڀاليندڙ آهي، جنهن تي اهو سوال ٿيو ته سندن والد جيئرو آهي توهان ڪيئن؟ خير اهو ڊگهو قصو آهي. جيتوڻيڪ رات دير سان مانيڪا جي ڪار کي پوليس روڪيو ته گاڏي نه بيٺي جڏهن پوليس کيس بعد ۾ پيڇو ڪري روڪيو ته هنن پوليس سان بدتميزي ڪندي ڊي پي او کي ڊيري تي اچي معافي جو حڪم ڏنو ۽ گوندل نه ويو ته سندس بدلي ڪئي وئي. فرح شيخ جون بشريٰ بيبي سا گڏ هونئن گهڻيون تصويرون وائرل آهن پر نجي جهاز ۾ سفر دوران سندس هڪ برانڊيڊ سينڊل، پرس ۽ ڪپڙن جو به چرچو عام جام آهي.

رڳو سندس سينڊل جي قيمت پاڪستاني روپين ۾ هن وقت سوا لک ۽ ليگي اڳواڻ مفتاح اسماعيل موجب تصوير ۾ نظر ايندڙ پرس جي قيمت 90 هزار ڊالر آهي. مريم نواز بعد عليم خان ۽ چوڌري سرور به فرح بابت گهڻيون ڳالهيون چيون. عمران خان جو هڪ وڏو اي ٽي ايم سمجهو ويندڙ عليم خان ه اهو به چيو ته عمران خان مٿس ڪوڙا الزام هڻي سندس ٻارن کي جيڪا تڪليف پهچائي آهي هو ان جو حساب ٺڪي ٺوڪي وٺندو. پنجاب جي سرڪاري معاملن ۾ مداخلت جي الزامن جي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار ترديد ڪندي عليم خان ۽ چوڌري سرور جي الزامن کي من گهڙت قرار ڏنو آهي. (هن اسٽوري ۾ معلومات ۽ تصويرون بي بي سي اردو تي شايع ٿيل ترهب اصغر جي اسٽوري ۽ ڊان اخبار تان ورتل آهي)










