ٽنڊو غلام حيدر (ن سنڌيار) ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان يونين ڪائونسل حاجي صوڀو خان چانڊيو جي ڳوٺ موريو رند ديه چارو جي مسڪين برسات متاثر پورهيت محمد هارون رند جو چوڻ آهي ته گذريل وڏي عرصي کان ڳوٺ ۾ ڪابه بنيادي سهولت موجود ناهي ان کان علاواه حاليه تيز طوفاني برساتن سبب اسان جي ڳوٺ ۾ درجنين مسڪينن جا گهر پڻ ڊهي پٽ پئجي ويا آهن پر اڄ تائين ڪنهن به چونڊيل نمائيندي سار سنڀال ناهي لڌي هن چيو ته ڪجه ڏينهن پهرين فوڪل پرسن قاسم نويد قمر تعلقي جي مختلف متاثر ڳوٺن جو جائزو پڻ ورتو هو جيڪو صرف فوٽو سيشن تائين محدود رهيو هن چيو ته پهرين به محترم شهيد بينظير ڀٽو جي نالي تي جيڪي گهر مليا هئا اهي به من پسند ماڻهن کي ڏئي غريبن کي سکڻن دلاسن ۾ رهايو ويو هن وقت به اسان جا ڳوٺ ڪچا رستا ٻڏل آهن ڳوٺ به اچانڪ فوتگي سبب جنازو کڻڻ به مشڪل ٿي وڃي ٿو هن الزام هڻندي چيو ته راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائي انهن کي خوش ڪيو پيو وڃي اسان کي صرف ڳوٺ ۾ جتي هڪ گهر ۾ ڏه ڀاتي آهن اتي فقط هڪ مڇرداني ڏني وئي آهي متاثر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هڪ مڇرداني ۾ ڏه گهر ڀاتي ڪيئن سمهي سگهندا اهڙو عمل چونڊيل نمائيندن ۽ يوسي اڳواڻن لاء شرمناڪ چئي سگهجي ٿو اسان جا معصوم ٻچڙا نياڻيون پڌري پٽ پيل آهن اسين راتيون جاڳي گذارڻ تي بيوس ۽ لاچار آهيو راشن بجاء هڪ هڪ مڇرداني ڏني وئي آهي هن چيو ته ڇا بک ۾ ٻچا مڇردانيون کائيندا متاثر سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائيندن کان گهر ڪئي آهي ته اسان مسڪين رهواسين سان انصاف ڪيو وڃي ۽ برسات سبب ٿيل نقصان جو پڻ ازالو ڪري ڏنو وڃي










