گذريل سال 5هزار ڏوهاري گرفتار، ڪارڪردگي رپورٽ

گذريل سال 5هزار ڏوهاري گرفتار، ڪارڪردگي رپورٽ

نوشھرو فيروز(رپورٽ منظور ملڪ)نوشھرو فيروز پوليس سال 2020 جي دوران لاتعداد ڪامياب ڪاروايون ڪري 4984 جوابدار گرفتار ڪيا. ضلعي پوليس جي ترجمان شوڪت ڪلو جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته  سال 2020 دوران ٽوٽل 2138 ڪيس داخل ٿيا، مختلف ڪيسن ۾ گھربل 5855 جوابدارن مان 4984 جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو۔ سال 2020 دوران 34 کان وڌيڪ پوليس مقابلا ٿيا، جن ۾ بدنام زمانه ۽ پنج لک انعام يافته اشتھاري ڌاڙيل جوابدار نذير الياس لوٽي جت سميت 77 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو۔ ضلع ڀر ۾ مختلف ڪيسن ۾ گھربل 146 کان وڌيڪ اشتھاري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ انھن کي عدالتي  ڪارروائي بعد جيل اماڻيو ويو۔ 952 روپوش جوابدار گرفتار ٿيا جيڪي پوليس کي دھشتگردي، قتل، ارادہ قتل، ڦر، چوري، نقب زني ۽  ٻين وارداتن ۾ گھربل ھئا۔ سنڌ آرمس ايڪٽ جي 279 ڪيسن ۾ گرفتار 279 جوابدارن جي قبضي مان 11 ڪلاشنڪوف، 07 رائفل، 57 شاٽ گن/رپيٽر، 10 ريوالور، 199 پسٽلز، 01 مائوذر، 917 گوليون، ۽ 254 ڪارتوس برآمد ڪيا ويا۔ منشيات جي خلاف 279 ڪيسن ۾ 338 منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو ويو۔ جن جي قبضي مان 36 گرام هيروئن، 154 ڪلو 808 گرام چرس، 194 ڪلو 400 گرام ڀنگ، ۽ 1113 بوتلون وسڪي، 3570 ليٽرس شراب برآمد ڪيو ويو۔ سماج دشمن عناصرن جي 92 ڪيسن ۾ 100 کان وڌيڪ گٽڪو وڪرو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو جن جي قبضي مان 6288 ڪلو 665 گرام مضر صحت نشه آور مين پڙي گٽڪو برآمد ڪيو ويو۔ جوا جي 32 ڪيسن ۾ 219 جوارين کي گرفتار ڪري انھن کان وڏي تعداد ۾ تاس جا پتا، لڊو، ڇڪو، آڪڙا پرچيون، ڪيش نقدي ۽ جوا راند کيڏڻ جو ٻيو سامان برآمد ڪيو ويو۔ ڦر جي ڪيسن ۾ ھڪ ٽريڪٽر، ھڪ بولان ڪيري، ھڪ ڊاٽسن، 03 ڪارون ۽ 45 موٽرسائڪلون برآمد ڪيون ويون۔ انفارميشن ٽيڪنالاجي برانچ جي مدد سان تقريبن 27 لک ماليت جون 150 کان وڌيڪ ٽچ اسڪرين موبائل فونز رڪور ڪري تصديق کانپوء اصلي مالڪن جي حوالي ڪيون ويون۔ پوليس ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته ٽريفڪ نظام ۾ بھتري آڻڻ ۽ ٽريفڪ قانونن جي خلاف ورزي ڪرڻ تي 4941 مختلف گاڏين کي چالان ڪري مجموعي طور11 لک 99 ھزار 300 سو  جو جرمانو لاڳو ڪيو ۽ رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو