اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مذهبي معاملن جي وفاقي وزير پير نورالحق قادري چيو آهي ته روپئي جي قدر ۾ ڪمي، ڊالر مهانگو ٿيڻ ۽ سعودي عرب ۾ وڌايل ٽيڪسز سبب هن سال حج جو خرچ پوئين سال کان وڌيڪ ٿيندو. پرائيويٽ حج ايسوسيئيشن جي مرڪزي ۽ چئني صوبن جي نون چونڊيل نمائندن جي حلف برداري جي تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اسين ته چاهيون ته حج سستو ڪريون پر اهو ممڪن ناهي ۽ حج هن سال مهانگو ٿيندو. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو تنقيد ڪن پيا ته ڪرتار پور سرحد کولي سکن لاءِ درشن ته سستو ڪيو ويو آهي پر حج مهانگو ڪيو ويو آهي. مان چوان ٿو اها ڀيٽ ڪرڻ درست ناهي. ڇو ته ڪرتار پور هڪ ڏينهن ۾ ماڻهو سائيڪل تي يا پنڌ اچي موٽي ٿا وڃن ۽ 4 ڪلوميٽر جو فاصلو آهي. حج لاءِ 4 هزار ڪلوميٽر جو سفر آهي ۽ 40 ڏينهن رهڻو ٿو پوي. هن چيو ته هلندڙ سال جي حج پاليسي مرتب ڪئي پئي وڃي ۽ جلد اعلان ڪيو ويندو. ان موقعي تي نجي حج جي سهولت فراهم ڪندڙ تنظيم هوپ جي مرڪزي صدر شاهد رفيق چيو ته اسين بهتر انتظامن سبب ملائيشيا سان ٽاپ ڪيو آهي ۽ هن سال اڃا وڌيڪ بهتر انتظام ڪنداسين.










