لاهور: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بدقسمتي سان بجلي مهانگي ڪرڻي پئجي رهي آهي، بجلي مهانگي ڪرڻ آءِ ايم ايف جو شرط آهي پر گردشي قرضن سبب اسان جي ضرورت به آهي. لاهور ۾ واپارين ۽ صنعتڪارن سان گفتگو ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بجلي چوري سان به نقصان ٿي رهيو آهي، ٽرانسميشن لاسز آهن، بلن جو ٻيڙو ٻڏل آهي، ٽيڪس نه ملندو ته پوءِ وڌيڪ ٽيڪس نه لڳائينداسين ته ڇا ڪنداسين؟هن چيو ته بجلي جي قيمت ۾ واڌ آءِ ايم ايف جو مطالبو ته آهي پر گردشي قرض به آهي، تسليم ڪيان ٿو ته ٽيڪسن جي ڀرمار آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ سڀني ڪردار ادا ڪيو، چين گذريلن 3 کان 4 مهينن ۾ 5 ارب ڊالر ڏنا آهن، آمريڪي پرڏيهي وزير به آءِ ايم ايف سان معاهدي جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي غلط فيصلن سان معيشت کي نقصان ٿيو، سياسي مفادن خاطر ملڪي مفاد کي داءَ تي لڳايو ويو، اسان جي حڪومت جا 15 مهينا آمريڪا سان لاڳاپا درست ڪرڻ ۾ لڳي ويا.










