گجو لڳ ڪراچي واسين جو ڪوسٽر ڪلٽي 4 فوت، 12 زخمي

ٺٽو (ن س) پير پٺو جي زيارت ۽ ڪيجهر ڍنڍ گهمڻ ويندڙن جو ڪوسٽرگجو لڳ ڪلٽي ٿيڻ سبب 4 ڄڻا فوت ۽ 12 کان مٿي زخمي ٿي پيا. موٽر سائيڪل کي بچائيندي تيز رفتار ڪوسٽر ڪلٽي ٿيو. پير پٺو۽ بگهاڙ موري روڊ تي تيز رفتار ڪوسٽر ڪلٽيون کائيندي کڏ ۾ ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن ٻارن سوڌو 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. فوتين ۾ 4 سالن جو اسد، 5 ورهين جي انيلا، 4 سالن جي افشان ۽ هڪ عورت ريشمان ڌيءُ جبار شامل آهن. حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو 12 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا، جِن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ ثمرين، عائشه، فرزانه، شمائلا، سونيا ۽ ٻيا شامل آهن. سول اسپتال ٺٽو جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته زخمين مان ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ آهي، جِن کي ڪراچي ريفر ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي اورنگي ٽائون جا رهواسي ڪوسٽر ذريعي ٺٽو ڀرسان درگاهه پير پٺو تي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو