گاڏيون واپس ڪريو،اسپيشل برانچ جو بزدار کان مطالبو

گاڏيون واپس ڪريو،اسپيشل برانچ جو بزدار کان مطالبو

لاهور(ويب ڊيسڪ)پوليس پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار کي پروٽوڪول گاڏيون واپس ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.لاهور پوليس جي اسپيشل برانچ طرفان پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار کي خط لکي پروٽوڪول لاءِ موڪليل 2 گاڏيون واپس ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته گاڏيون وڏي وزير جي پروٽوڪول لاءِ وڏي وزير جي آفيس کي ڏنيون ويون.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻن گاڏين مان هڪ بلٽ پروف گاڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو