گاڏين جي پيداوار ۾ گهٽتائي پر وڪري ۾ واڌارو

گاڏين جي پيداوار ۾ گهٽتائي پر وڪري ۾ واڌارو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ هڪ پاسي گاڏين جي پيداوار ۾ 24 سيڪڙو گهٽتائي ڏيکاري وئي آهي ته ٻئي پاسي وڪري ۾ واڌ ڄاڻائي وئي آهي. پاڪستان آٽو موٽو مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن (پاما) جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب هن سال جولاءِ کان سيپٽمبر تائين ملڪ ۾ گاڏين جي پيداوار 27574 يونٽ رهي جڏهن ته وڪرو 31868 يونٽ رڪارڊ ٿي. بيان موجب پوئين سال جي بيڪ لاڪ وارا پيداوري يونٽ هن سال ۾ وڪرو ٿيا. هونڊا سوڪ ۽ سٽي جي وڪري ۾ 65 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ 6483 يونٽ وڪرو ٿيا ٻئي نمبر تي سوزوڪي بولان 59 سيڪڙو واڌ بعد 1758 يونٽ وڪرو ٿيا. سوزوڪي سوئفٽ ۽ ويگنار جو وڪرو به وڌيو پر ڪلٽس ۽ الٽو جو وڪرو گهٽ رهيو. ٽوياٽا ڪرولا جي يارس جو وڪرو گهٽ ٿيو پر فارچونرر ۽ جيپ جي وڪري ۾ واڌارو ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو