اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ پرويز رشيد ملڪ رياض پاران عمران خان جو پيغام آصف زرداري کي پهچائڻ جي مبينه آڊيو تي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. پرويز رشيد چيو ته اسان کي هر وقت گاريون ڏيندڙن کي مبارڪباد هجي سندن لاڏلو عمران خان آصف زرداري کان ملڪ رياض ذريعي معافيون گهري رهيو آهي. هن چيو ته معافي گهرڻ تي اعتراض ناهي حيرت آهي ته هڪ نام نهاد، صادق ۽ امين هڪ ڏوهاري کان معافيون گهري رهيو آهي.










