گاج ڊائيوريشن تعمير ٿيندڙ نئين ديوار لُڙھي وئي،ڳوٺاڻن کي اچ وڃ ۾ پريشاني

گاج ڊائيوريشن تعمير ٿيندڙ نئين ديوار لُڙھي وئي،ڳوٺاڻن کي اچ وڃ ۾ پريشاني

ڊرگھ بالا (ن سنڌيار)گاج ڊائيوريشن بند جي تعمير ٿيندڙ نئين ديوار کي بچائڻ لاء ڏنل ريتي ۽ ڪريش وارو بند وهڪرن ۾ لُڙھي ويو تيز وهڪرن جو سڄو رُخ تعمير ٿيندڙ ديوار ڏانهن ٿي ويو ڪم ڪندڙ ڪمپني بيوس بڻيل انتظاميه جي ڪرپشن ۽ نااهلي سبب ڪروڙين رپيا ٻُڏڻ جو امڪان تعمير ٿيندڙ نئين گاج بند آبپاشي کاتي جي نااهلي ظاهر ڪري ڇڏي پاڻي ڪيترن ئي ڳوٺن لاء بدستور خطرو بڻيل روڊ رستا پڻ ٻُڏي ويا گاج بند جو لکين رپين جو تعميراتي مٽيريل ڳُجھ ڳوھ ۾ وڪرو رپورٽ ۾ نئين گاج جي وهڪرن ۾ لُڙھي وڃڻ ظاهر ڪرڻ جو انڪشاف مون سون برساتن بعد ڊرگھ بالا شهر جي عوام جي تڪليفن ۾ اضافو رستو بحال نٿي سگهيو, سنڌ سرڪار پاران جوڙيل ايمرجنسي فلڊ ڪاميٽي ڪو ٻوٽو نه ٻاريو ٻن هفتن کان رستو بحال نه ٿيڻ سبب کاڌ خوراڪ جي شين جي رسائي ناممڪن بڻيل, صحت جي حوالي سان ڪي به انتظام نه ڪيا ويا ماڻھون بيمارين ۾ وٺجڻ لڳا گيسٽرو پکڙجڻ لڳي سوين معصوم ٻار توڙي وڏا گيسٽرو مرض ۾ مبتلا رستي نه هئڻ سبب صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿيڻ لڳي سنڌ سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن عوام جي تڪليفن جو ڪوبه تدارڪ نه ڪيو هزارين ماڻھون ٻن ھفتن کان گھرن تائين محدود کاڌي پيتي جي شين لاءِ پريشان آهن نئين گاج جو پاڻي وھي اچڻ ڪري ڊرگھ بالا روڊ جو مين ڪراس نئين گاج ڳوٺ راڄو ڳنڍو وٽ پل نه ھجڻ ڪري ڊرگھ بالا سميت سوين ڳوٺن جو جوھي دادو کان زميني رستو مسلسل بند ڳوٺن ۾ ننگرداريو, حاجي خان ,مسو رستماڻي, رحيم خان, بازمال کوسو, ڪنڊو ٻٻر, سڄڻ جي پئي, راڄو ڳنڍو گزياڻي لنڊ, بھاول ٻٻر, موسا خان لنڊ, جعفر خان لُنڊ ,حيات خان چانڊيو, ڪنڊو ٻٻر , سميت ڪيترن ڳوٺن جو رستو ڪٽيل ھجڻ ڪري ڳوٺاڻا سخت تڪليفن کي منھن ڏيڻ لڳا آهن وزير اعلي سنڌ پاران دادو ضلعي ۾ جوڙيل ايمرجنسي فلڊ ڪاميٽي ڪو ٻوٽو نه ٻاريو جڏھن ته ضلعي انتظاميه ھن مھل تائين رستن جي عارضي بحالي لاء ڪي به قدم نه کنيا چونڊيل نمائندن ۽ ڊي سي دادو سميت ذميوار انتظاميه کي نشي جي ننڊ کاڌ خوراڪ جي شين جي عدم فراهمي سبب شهر ۾ سڄو ڪاروبار ٺُپ ٿي ويو صحت جي سهولتن جي کوٽ جي ڪري علاج جون سهولتون نه ملڻ ڪري گيسٽرو جهڙي خطرناڪ بيماري پکڙجڻ لڳي علائقي جي هزارين رهواسين وزير اعلي سنڌ ايمرجنسي فلڊ ڪاميٽي, ڊي سي دادو ۽ ٻين اختيارن کان ڊرگھ بالا جو رستو فوري طور تي عارضي بنيادن تحت بحال ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو