گئس ڪمپنيز چونڊيل نمائندن کي پئسا نه ڏين: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم

سکر(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر گئس ڪمپنين کي رائلٽي فنڊ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي کي ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، عدالت گئس ڪمپنين کي چونڊيل نمائندن جي نگراني ۾ جوڙيل ڪميٽي کي فنڊ ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ ۾ نارو واسين جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت گئس ڪمپنين کان ملندڙ رائلٽي بابت ڊي سيز کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، جڏهن ته ٻڌڻي دوران گئس ڪمپنين جا آفيسر ۽ لاڳاپيل ڌريون به پيش ٿيون درخواستگذارن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته گئس ڪمپنيز کان ملندڙ رائلٽي جا پئسا بااثر کپائين ٿا، ايم اين ايز پنهنجي اولاد کي علائقا ورهائي ڏنا آهن وڪيل ذوالفقار نائچ عدالت کي ٻڌايو ته گهوٽڪي سان گهڻي زيادتي ٿي آهي، سٺي اسپتال به ناهي ملي سگهي، جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏنا ته گئس ڪمپنيز جي رائلٽي لاءِ ڪاميٽيز ٺهي ويون، چيئرمين ايم اين ايز ۽ ميمبر ايم پي ايز ٿي ويا جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته گئس انتظاميه رائلٽي ڏئي پئي پر اهي کائي ٿا وڃن، صحت ۽ تعليم تي فنڊ خرچ ڇو نه پيا ڪيا وڃن؟ ، جيترا پئسا اچي چڪا آهن، ان سان وڏا ڪم ٿي وڃن ها، گهوٽڪي ۾ آغا خان جهڙي اسپتال هجي ها عدالت چيو ته هڪ ارب مان گهوٽڪي جي هر ٻار کي بهترين تعليم ملي ها، سٺي يونيورسٽي به ٺهي ها، گئس ڪمپنيز مان وڏيرن کي پئسا ۽ ٻيون مراعتون ملن پيون جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ڪنهن ۾ به جرئت ناهي جيڪو علائقي جي ترقي لاء ڳالهائي، پيرن، ايم اين ايز ۽ ايم پيز کي صرف عزت ڏيو، باقي آفيسر ڪم پنهنجو ڪن عدالت سوال ڪيو ته خيرپور،گهوٽڪي ۽ ڪشمور جون گئس ڪمپنيز ڇا پيون ڪن؟، سنڌ هاءِ ڪورٽ نارو جي 200بيڊ اسپتال گمس حوالي ڪرڻ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪاميٽيز کي فنڊ ڏيڻ کان روڪيندي ٽن سالن جي فنڊز بابت ڊي سيز کي 13 مارچ تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو