گئس ميٽرن جي ماهوار ڪرائي ۾ واڌ قبول ناهي، شيخ

گئس ميٽرن جي ماهوار ڪرائي ۾ واڌ قبول ناهي، شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ گئس ميٽرن جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو.توانائي واري صوبائي وزير گيس ميٽرن جي کراين ۾ تازي واڌ تي ردعمل ڏيندي چيو ته اوگرا ۾ ويٺل بابن جي من ماني ناقابل برداشت ٿي وئي آهي.هن چيو ته سنڌ حڪومت ان فيصلي خلاف وفاق کي پنهنجا تحفظات کان آگاهه ڪندي، اها غريب عوام سان ناانصافي آهي.هنن جو چوڻ آهي ته ميٽر رينٽ سان گڏ فڪسڊ چارجز صرف اعليٰ گيس استعمال ڪندڙن تي لاڳو آهن.توانائي واري صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته وفاقي ادارا گئس جي ورڇ واري معاملي تي آرٽيڪل 158 تي عمل نه ڪري رهيا آهن، سڀ کان وڌيڪ قدرتي گئس پيدا ڪندڙ صوبو گئس کان محروم آهي.هن زور ڏنو ته غير قانوني گئس بلن جون شڪايتون حل ڪرڻ لاءِ ايم ڊي سوئي سدرن سان ڳالهايو ويندو ۽ وزيراعظم اوگرا جي من ماني فيصلن جو فوري طور نوٽيس وٺي.هن وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته سوئي سدرن کي ميٽر رينٽ وڌائڻ جو فيصلو فوري طور تي واپس وٺڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو