ڪچي ۾ پوليس آپريشن،2 مغوي بازياب

ڪچي ۾ پوليس آپريشن،2 مغوي بازياب

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) غوثپور جي ڪچي ۾ ھلندڙ آپريشن ۾ پوليس کي ھڪ ٻي ڪاميابي۔ ٻھ مغوي بازياب ڪرائي ورتا غوثپور جي ڪچي واري علائقي دراني مھر ٿاڻي جي حد ۾ اغوا ٿي ويلن 8 مغوين جي بازيابي لاءِ ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ جي اڳواڻي ۾ گذريل ٻن  ھفت کان آپريشن ھلندڙ آھي دراني مھر پوليس ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ ڏوھارين جي مختلف گينگ خادم ڀيو گينگ، نواب جاگيراڻي گينگ ،جيئند جاگيراڻي گينگ سميت ڪيترن ئي ڏوھارين جي گرفتاري ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس آپريشن ۾ ھن وقت تائين 6 مغوي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. ٻئي پاسي مغوين جي گھرن ۾ پريشاني وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي.پوليس ڏوهارين جي ٺڪائڻ تائين نه پهچي سگهي آهي ۽ نه ئي وري ڪو ڏوھاري گرفتار ڪري سگهي آهي.مغوين ۾ ڳوٺ بھرام خان بجاراڻي جو رھواسي نوجوان عبدالسبحان بجاراڻي.ڪوئيٽا واسي اسماعيل شاهه، اجمل شاهه ۽ مزمل شاهه، ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ پھلوان جعفري جا رهواسي دلشاد، سوڍو جعفري شامل آهن.ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ ڪچي جي آپريشن ۾ لکين رپين جو گولو بارود استعمال ڪيو آهي جنھن ۾ ھڪ ڪاميابي پوليس کي ملي سگهي آهي جو ٻھ ھفتا اڳ اغوا ٿيل نلڪن جي مسترين محمد ۽ نصرالله ميراڻي کي بازياب ڪرايو ويو آھي۔ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب ھجڻ ڪري علائقي واسين جو ساھ مٺ ۾ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو