ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ڪچي ۾ آپريسن دوران اسان کي فضائي سپورٽ حاصل نه آهي جنهن سبب ڌاڙيلن جي خلاف مختلف طريقا استعمال ڪريون ٿا خاص ڳالهه ٻولهه ۾ آئي جي سنڌ چيو ته ڪچي جو مسئلو گهڻو پراڻو آهي جڏهن ته پوليس جي حڪمت عملي سان ئي مسئلو صرف چئن ضلعن تائين موجود آهي پوليس جي پلان جي نتيجي ۾ هني ٽيپ جو خاتمو ڪيو ويو هن چيو ته ڪچي جا ڏوهاري ڀنگ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهن گڊو ۽ سکر بئراج جي وچ ۾ هي اشوآهي گهوٽڪي، سکر، ڪشمور جو ڳچ حصو محفوظ آهي ڌاڙيل درياهه سان گڏ موجود ننڍي ننڍي آئلينڊ کي استعمال ڪن ٿا آئي جي سنڌ چيو ته سنڌ حڪومت 275 ڪرمنلز تي انعام رکيو 20 جي لڳ ڀڳ ماڻهو سرينڊر ڪري چڪا آهن سرينڊر ڪندڙن سان زيادتي نه ٿيندي غلام نبي ميمڻ چيو ته اسلحي سان فرق نٿو پوي جيڪڏهن ڪرمنلز وٽ جديد هٿيار آهن ته اسان به جديد هٿيار خريد ڪنداسين.










