ڪچي ۾ آپريشن، ڌاڙيل فرار ٿيڻ تي مجبور، ٺڪاڻا ڊاهي پٽ

ڪچي ۾ آپريشن، ڌاڙيل فرار ٿيڻ تي مجبور، ٺڪاڻا ڊاهي پٽ

تنگواڻي (ن س) ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جو آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري رهيو. پوليس جو ڌاڙيلن خلاف گھيرو تنگ . ايس ايس پي عرفان سمون ڪچي ۾ جاري آپريشن جي ڪمانڊ ڪري رهيو آهي . ۽ ڌاڙيلن فرار ٿيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن . پوليس آپريشن۾ ڀيو گينگ. سبزوئي گينگ جاگيراڻي گينگ خلاف هلندڙ آپريشن ۾ مختلف ٿاڻن جي 300 اهلڪارن ۽ اي پي سي گاڏين شرڪت ڪئي. جڏهن ته پوليس ۽ ڌاڙيلن تي اينٽي ايئر ڪرافٽ گن راڪيٽ لانچر فائر ڪيا ويا، جڏهن ته پوليس ڌاڙيلن جا ڪيترائي ٺڪاڻا ڊاهي پٽ ڪري کين باهه ڏئي ڇڏي آهي، پوليس سندن گهرن ۽ ٿاڪن تي قبضو ڪري سندن مورچن سميت گهرن کي به قبضو ڪري ورتو آهي. ڪالهه ڪچي ۾ پوليس ڪارروائي دوران ايس ايڇ او شهيد ڊي ايس پي سميت ٻه اهلڪار زخمي ٿي پيا. پنهنجي شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جو بدلو وٺڻ ۽ يرغمال ٿيلن کي باحفاظت بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪچي ۾ پوليس پاران آپريشن تيز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايس ايس پي عرفان سمون چيو آهي ته ايس ايس پي ضلعي مان ڏوهن جو خاتمو ڪري امن امان بحال ڪندو. ڌاڙيلن جو گهيرو ڪيو ويو آهي. پوليس جي سخت ڪاررواين سبب ڏوھاري فرار ٿيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو