ڪپيل شرما ڪاميڊي شو ٻيهر بند ڪرڻ جو فيصلو

ڪپيل شرما ڪاميڊي شو ٻيهر بند ڪرڻ جو فيصلو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جو مشهور مزاحيه شو ”دي ڪپل شرما شو“ هڪ ڀيرو ٻيهر عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب دي ڪپل شرما شو جي پروڊيوسر ميزبان ڪپل شرما جي آمريڪا جي دوري سبب شو کي عارضي طور تي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڪپل شرما جلد آمريڪا جو دورو ڪندو، جنهن سبب شو جي قسطن جي شوٽنگ نه ڪئي ويندي، ان ڪري پروڊيوسر ڪجهه وقت لاءِ ڪاميڊي شو کي عارضي طور تي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽن مطابق ڪپل شرما جو هڪ مهيني جو آمريڪا جو دورو جون جي وچ ۾ طئي ٿيل آهي ۽ ان دوران سندس ٽيم هڪ وقفو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پر مداحن لاءِ ڪجهه قسطن جي شوٽنگ شو بند ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪئي ويندي. هي پهريون ڀيرو ناهي ته ڪپل شرما جو شو عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي. جنوري ۾ ٻئي ٻار جي پيداوار وقت به هن شو معطل ڪيو هو ۽ اٽڪل 5 مهينن جي وقفي کان پوء، شو جون ۾ ٻيهر شروع ٿيو هو. رپورٽن مطابق ڪپل ۽ سندس ٽيم ڪجهه ڏينهن ۾ باضابطا اعلان ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو