ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪپهه جي سرڪاري مقرر ڪيل اگهن تي عمل نه ڪرڻ جو نوٽيس ورتو آهي. زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو ته ڪپهه جو سرڪاري اگهه 8 هزار 500 رپيا في 40 ڪلو آهي، ان ئي اگهه تي خريداري کي يقيني بڻايو وڃي. منظور وساڻ سيڪريٽري زراعت، ڊپٽي ڪمشنرن، ڊائريڪٽر جنرل آف زراعت ۽ زراعت جي آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي ته هارين کان سرڪاري مقرر ڪيل قيمت تي ڪپهه خريد نہ ڪرڻ وارن ڊيلرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هارين کان گهٽ قيمت تي ڪپهه خرید ڪرڻ وارن ملز مالڪن جون ڪپهه جون فيڪٽريون سيل ڪيون وڃن. هن چيو ته سانگهڙ، ميرپورخاص، نوابشاهه، خيرپور ۽ ٻين شهرن مان هارين کي ڪپهه جو گهٽ اگهه ملڻ جون شڪايتون ملي رهيون آهن.










