بچاءَ بند کي پاڻي پائڻ لڳو،ماڻهن ۾ خوف،قرآن جو ورد،لڏ پلاڻ

بچاءَ بند کي پاڻي پائڻ لڳو،ماڻهن ۾ خوف،قرآن جو ورد،لڏ پلاڻ

ڪشمور/ ڪنڌڪوٽ(جي ايم کوسو ۽ غالب بلوچ) ڪي ڪي بچاء بند تي بڊاڻي ويجھو سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه ۽ تيز وھڪرن بند کي پائڻ شروع ڪيو آهي. آس پاس رهندڙ ڳوٺاڻن ۾ خوف پيدا ٿي ويو آهي ۽ ڪجهه ڳوٺاڻن لڏ پلاڻ ڪندي بندن تي منتقل ٿي ويا آهن. تيز وھڪرن جي ڪري پاڻي بند کي پائڻ لڳو آهي،

جنھن جي نتيجي ۾ آس پاس جي علائقن جي ڳوٺاڻن خوف وچان ڪي ڪي بند جي مٿان قرآن پاڪ کڻي ورد ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. هوڏانهن اهڙا اطلاع ملڻ تي ڪنڌ ڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنر سنڌو درياهه جي ڪي ڪي بچاءَ بند کي آر ڊي 82 وٽ درياهه پائڻ لڳو۽ ڳوٺاڻن پاران 8 ڪلاڪن جي مسلسل ڪوشش باوجود درياهه جي پاڻي جو دٻاؤ برقرار ھئڻ ڪري بند جي صورتحال خطرناڪ ٻڌائي پئي وڃي.

ان بابت چيف انجنيئر گڊوبئراج محمداسحاق عباسي رابطوڪرڻ تي ٻڌايو ته ھنگامي بنيادن تي عيد موڪل تي ويل سڀني ملازمن جون موڪلون ختم ڪندي ڪي ڪي بند پھچڻ جو حڪم ڪيوويو ۽ ڪي ڪي بند جي مضبوطي وارو ڪم تيزي سان جاري آھي پٿر۽ ڪرين مشينز جي مدد سان انشاالله بند تي ڪنٽرول ڪيو ويندو. جڏھن ته ڪي ڪي بند جي خطرناڪ صورتحال کي سامھون رکندي ڊپٽي ڪمشنرڪشمور ڪي ڪي بند تي پھچي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ آبپاشي انتظاميه کي الرٽ رھڻ جي پڻ ھدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو