ڪي پي ۾ گذريل سال شهرين کي 1 ڪروڙ کان وڌيڪ ڀتا خوري جون ڪالون

ڪي پي ۾ گذريل سال شهرين کي 1 ڪروڙ کان وڌيڪ ڀتا خوري جون ڪالون

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه ۾ ڀتو وٺڻ لاءِ ڪالز ۾ واڌ ٿي وئي آهي، گذريل سال شهرين کي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڀتي جون ڪالز موصول ٿيون آهن.اهلڪارن موجب ڀتا خوري جون سڀ کان وڌيڪ ڪالون افغانستان جي نمبرن تان اينديون آهن.ذريعن موجب آءِ جي خيبرپختونخواهه پوليس اختر حيات خان گنڊاپور فنانشل ڪرائم يونٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڊي آءِ جي سطح جو پوليس آفيسر فنانشل ڪرائم يونٽ جو سربراهه هوندو.اختيارين موجب ڀتا خوري جي ڪيسن ۾ جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي.سرڪاري ذريعن موجب اختيارين افغانستان سان فون ڪالز جو معاملو اٿارڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. آءِ جي خيبرپختونخواهه چيو ته فنانشل ڪرائم يونٽ قائم ڪرڻ جو مقصد دهشتگردي ۾ استعمال ٿيندڙ پئسي جي ذريعن کي روڪڻ، مني لانڊرنگ کي منهن ڏيڻ ۽ ڀتا خوري جي ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ آهي.آءِ جي خيبرپختونخواهه چيو ته ڀتا خوري، اغوا ڀتا ۽ مني لانڊرنگ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو