ڪي پي ۾ طوفاني برساتن سبب 9 ڄڻا فوت

ڪي پي ۾ طوفاني برساتن سبب 9 ڄڻا فوت

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه ۾ تيز برساتن سبب 9 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا.پي ڊي ايم اي صوبي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن.پي ڊي ايم اي موجب صوبي ۾ تيز برساتن سبب حادثن ۾ 9 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿيا آهن. پي ڊي ايم اي موجب ٻوڏ ۽ برساتن سبب 7 گهر ڊهي پيا، جڏهن ته 67 گهرن کي جزوي نقصان پهتو، لوئر چترال ۾ ٻوڏ سبب 39 گهرن کي جزوي ۽ اپر چترال ۾ 19 گهرن کي جزوي نقصان پهتو.رليف کاتي جي سيڪريٽري موجب برسات ۽ ٻوڏ متاثر ضلعن لاءِ 6 ڪروڙ رپيا، چترال اپر ۽ چترال لوئر لاءِ 2 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن.ان کان علاوه بنون ۽ شانگلا لاءِ هڪ هڪ ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن.ٻئي طرف امدادي کاتي جي ترجمان پاران ٻڌايو ويو آهي ته اپر چترال جي متاثر خاندانن کي امدادي سامان پهچايو ويو آهي ۽ لوئر چترال جي حساس علائقن جي آبادي کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف ضلعي انتظاميا پاران دير لوئر روڊ کي ٽريفڪ لاءِ خالي ڪرايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو