ڪي پي ۽ پنجاب اسيمبليون نه ٽٽيون ته بي اعتمادي جي رٿ آڻبي: زرداري

ڪي پي ۽ پنجاب اسيمبليون نه ٽٽيون ته بي اعتمادي جي رٿ آڻبي: زرداري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪي پي ۽ پنجاب اسيمبليون نه ٽٽيون ته بي اعتمادي جون رٿون آنديون وينديون. آج ٽي وي جي اينڪر عاصمه شيرازي کي ڏنل انٽرويو ۾ آصف زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن اسيمبليز ٽوڙيندئو ته اسان اليڪشن وڙهنداسين، نه ٽوڙيندو ته پوءِ اپوزيشن ۾ ويهنداسين آصف زرداري چيو آهي ته ڪي پي ۾ ڪجهه سيٽون آهن، ٿورا دوست جيڪي گمراهه ٿيل آهن، اُنهن کي واپس آڻڻو آهي، ڏسون ٿا ته ڪيئن ٿا ايم پي ايز ٺاهيون. پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ گهربل نمبر موجود آهي. پرويز الاهي سان تعاون بابت سوال تي هن چيو ته مون هن کي ڊپٽي وزيراعظم بڻايو، هاڻي به هنن کي ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته ميانوالي کانسواءِ پاڪستان جي هر حلقي م عمران خلاف چونڊ وڙهڻ جو چيلينج ڪريان ٿو.


هن چيو ته اها ڪهڙي پاپولرٽي آهي ته پاڻ کي گولي هڻي 26 هزار ماڻهو گڏ ڪيا، هن کي اسان 21 هزار جي ليڊ تي شڪست ڏني، ڪٿي آهي سندس مقبوليت؟ هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري فوج جي اداري جي سفارش تي ڪئي وئي، مان اڳ ۾ جنرل منير کي نه سڃاڻيندو هئس، هن جو نالو پهرين نمبر تي هو ان ڪري سينارٽي تي مقرر ٿيو. هن چيو ته ميان شهباز شريف ڀلو ماڻهو آهي هن جي مهرباني ته هن آرمي چيف جي مقرري بابت مشورو ڪيو، اهو سندس آئيني اختيار هو. عمران خان سان ڳالهين بابت سوال تي هن چيو ته جيڪو سڄو ڏينهن ڀوئنڪي ٿو ان جي پٺيان ڇو وڃان، ڪا پيش رفت ٿي ته حڪومت ساڻس ڳالهيون ڪندي. هن چيو ته عمران جي وڏي ۽ خطرناڪ گيم هئي، جيڪا پاڪستان ۾ نه پر ٻاهر تيار ٿي هئي، هو ملڪ کي نقصان پهچائڻ چاهي پيو اسين پاڪستان کي بچائي ورتو. هن چيو ته عمران جي اقتدار ۾ ڪرپشن بابت خبر ناهي، هن گهڙي وڪرو ڪئي آهي ان بابت نيب ۾ جاچ هلي پئي. اسين عمران خلاف ڪو ڪيس تيار نه ڪنداسين نيب ڄاڻي هو پاڻ ڄاڻي. هڪ سوال تي هن چيو ته مونکي نٿو لڳي ته اسٽيبلشمينٽ حڪومت کي جلد چونڊن لاءِ چوندي، فوج سياست کان پاڻ کي پري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جنرل قمر جاويد باجوا ملازمت ۾ واڌ لاءِ کيس نه چيو هو ٿي سگهي ٿو وزيراعظم کي چيو هجي. مون ته ڇهين نمبر واري جنرل عامر جي لابي پئي ڪئي پر صورتحال سٺي نه هئي. صدر جي مواخذي بابت سوال تي هن چيو ته اهو معاملو قبل از وقت آهي، صدر وٽ آهي ڇا جو کيس هٽايون؟

پهنجو تبصرو موڪليو