اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۾ اهم اجلاس ٿيو.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ سڪيورٽي ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ سڪيورٽي ادارن جي آفيسرن پاران پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊن جي سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ موجود سڪيورٽي اهلڪارن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي خدشا آهن ۽ ٽي ٽي پي هن وقت اتي تمام گهڻي سرگرم آهي ذريعن موجب بچاءَ واري وزارت ۽ لاڳاپيل اختيارين اڱاري تي اليڪشن ڪميشن کي بريفنگ ڏيندا. ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري حامد يعقوب جو چوڻ آهي ته اسان ڪڏهن به چونڊن لاءِ فنڊ ڏيڻ کان انڪار ناهي ڪيو.ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري حامد يعقوب چيو ته اسان فنڊ ڏيڻ کان انڪار ناهي ڪيو، اسان اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڪئي آهي ته مطالبن تي نظرثاني ڪئي وڃي. ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري حامد يعقوب چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪنداسين، چونڊون ڪرائڻ آئيني ذميواري آهي، اليڪشن ڪميشن نظرثاني ٿيل مطالبا موڪليندي ۽ حڪومت آڏو رکندي.حساس ادارن اليڪشن ڪميشن کي تجويز ڏني ته موجوده صورتحال ۾ چونڊون شيڊول نه ڪرايون وڃن.ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن کي حساس ادارن طرفان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن دوران سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته حساس ادارن جي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سڪيورٽي ٿرٿ الرٽ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو آهي، سڪيورٽي خطرا تمام وڏا ۽ سخت آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته حساس ادارن اليڪشن ڪميشن کي تجويز ڏني آهي ته تازيون چونڊون موجوده صورتحال ۾ نه ڪرايون وڃن.










