پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخواهه ۾ ننڍي چونڊ بابت پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواست تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، خيبرپختونخواهه جي گورنر ۽ صدر کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 19 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.جسٽس اعجاز انور ۽ جسٽس شڪيل احمد خيبرپختونخواهه اليڪشن ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.صوبائي اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ مشتاق غني عدالت ۾ پيش ٿيو.مشتاق غني عدالت کي استدعا ڪئي ته وڪيلن جي هڙتال آهي، جيڪڏهن پيش نه ٿي سگهيا ته ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ويجهي تاريخ ڏني وڃي.ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اڄ آئيني رٽ جو پهريون ڏينهن آهي، وڪيلن جي هڙتال سبب ٻڌڻي نه ٿي، عدالت کي درخواست آهي ته ڌرين کي نوٽيس وٺي جواب ڏنو وڃي. هن چيو ته آئين ۾ واضح لکيل آهي ته 90 ڏينهن کان وڌيڪ نه هلي سگهن، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ پنجاب اسيمبلي جو تاريخي فيصلو ڏنو آهي ۽ جيڪي ماڻهو سپريم ڪورٽ جو فيصلو نه مڃي رهيا آهن انهن تي توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. ۽ انهن خلاف آرٽيڪل 6 جا ڪيس داخل ڪيا وڃن هن چيو ته امپورٽڊ حڪومت 2018ع جي چونڊن ۾ دير ڪري رهي آهي.هن چيو ته عمران خان خلاف غداري جا ڪيس هلي رهيا آهن، اسان جي قيادت کي گرفتار ڪيو ويو، حڪومت سان اسان جو ڪو به رابطو ناهي، جيڪڏهن چونڊن جي حوالي سان دعوت ڏني وئي ته شرڪت ڪنداسين.










