پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو آهي ته صوبائي حڪومت غير آئيني ترميمن جي منظوري تي قانوني ڪارروائي ڪندي.هڪ بيان ۾ بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته سينيٽ ۾ ڪي پي ڪي جي نمائندگي کانسواءِ غير آئيني ترميمون منظور ڪيون ويون، پارٽي پاليسي جي ابتڙ ووٽرن جي نشاندهي آهي. بئريسٽر سيف الله چيو ته ضمير فروشن کي سبق ڏيندو، آئيني ترميمن سان عدليه ۾ سياسي مداخلت جو رستو هموار ٿي ويو آهي.هن چيو ته جيڪڏهن چيف جسٽس کي سياسي حڪومت طرفان مقرر ڪيو وڃي ته انصاف جو جنازو نڪرندو.بئريسٽر سيف اهو به چيو ته آئيني ترميمن کانپوءِ عدليه ۾ فيصلا سياسي مفادن جي بنياد تي ٿيندا.










