نوشهره(ويب ڊيسڪ)تيز برساتن سبب خيبرپختونخواهه جي دريائن ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي، جڏهن ته نوشهره جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي گهرن ۽ زمينن ۾ داخل ٿي ويو آهي. ڊي سي نوشهره موجب پبي، محب بانڊا ۾ ٻوڏ جو پاڻي زمينن ۽ گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي، جڏهن ته بانڊا شيخ اسماعيل، غريب مومن ۽ جواد دائودزئي جي علائقن ۾ به ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿي ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر نوشهره جو چوڻ آهي ته ٻوڏ واري صورتحال سبب علائقا اڳ ئي خالي ڪرايا ويا هئا، جنهن سبب صورتحال بهتر آهي، هينئر تائين 30 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، ڪجهه متاثر ڪئمپن ۾ اچي ويا ۽ ڪجهه پنهنجن مائٽن سان گڏ رهيا. هن چيو ته متاثر ضلعن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن، 100 رليف ڪئمپون پڻ قائم ڪيون ويون آهن، هر هڪ تعلقي ۾ 30 کان 35 ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، ٻوڏ متاثرن کي کاڌ خوراڪ ۽ ٻيون ضروري شيون فراهم ڪيون پيون وڃن.
خيبرپختونخواهه جي مختلف دريائن ۾ ٻوڏ واري صورتحال
فلڊ سيل موجب خيبرپختونخواهه جي مختلف درياهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي ۽ ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو وهڪرو 3 لک ڪيوسڪ کان وڌي ويو آهي. ڪابل درياهه ۾ ورسڪ وٽ وڏي سطح جي ٻوڏ آهي ۽ پاڻي جو وهڪرو 136000 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه اٽڪ خير آباد ۾ به اوچائي سطح جي ٻوڏ آهي.ڪابل درياهه ۾ اديزئي پل وٽ انتهائي تيز ٻوڏ آهي ۽ پاڻي جو وهڪرو 82 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف سوات درياهه ۾ خواجا خيل وٽ وڏي سطح جي ٻوڏ آهي جتي پاڻي جو وهڪرو 71 هزار ڪيوسڪ آهي، سوات درياهه ۾ ئي چکدرا وٽ وچولي سطح جي ٻوڏ آهي جتي وهڪرو 68 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. چارسده ۾ به درياهه ۾ انتهائي تيز ٻوڏ آهي جتي پاڻي جو وهڪرو 41 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.










