ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 17 فيبروري تي ڪراچي پوليس آفيس (ڪي پي او) تي دهشتگرد حملي ۾ زخمي ٿيل ڪانسٽيبل عبداللطيف جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. شهيد ڪانسٽيبل جي جنازي نماز سرڪاري اعزاز ۽ سلامي سان ادا ڪئي وئي ۽ وڏي وزير شهيد ڪانسٽيبل جي مڙهه تي گلن جي چادر چاڙهي.جنازي نماز پوليس گارڊن هيڊ ڪوارٽر ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ صوبائي وزير سعيد غني، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي جاويد اوڍو، ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز، ايس ايس پي ۽ سول سوسائٽي جي شخصيتنسميت شهيد اهلڪار جي وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شهيد ڪانسٽيبل جي وارثن سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته عبداللطيف هڪ بهادر پوليس اهلڪار هو ۽ هن دهشتگردن خلاف وڙهندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو، سندس ڏنل قرباني تاريخ ۾ هميشه ياد رهندي.سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪي پي او آپريشن ۾ شهيد ڪانسٽيبل کي ڪيترائي زخمي لڳا. شهيد عبداللطيف جي ڀائرن سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کيس بهترين طبي امداد فراهم ڪري سندس جان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر هو فوت ٿي ويو.وڏي وزير شهيد ڪانسٽيبل جو مڙهه ايمبولينس تائين پهچايو ۽ مرحوم جي روح جي ثواب خاطر دعا پڻ ڪئي.شهيد ڪانسٽيبل عبداللطيف 17 فيبروري 2014ع تي سنڌ پوليس ۾ اڳوڻي فوج واري ڪوٽا تي ڀرتي ٿيو ۽ ان وقت سڪيورٽي I ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. دهشتگردن سان وڙهندي شديد زخمي ٿي پيو، سندس جناح اسپتال ۾ علاج جاري ھو تھ دم ڌڻي حوالي ڪيائين، شهيد عبداللطيف سوڳوارن ۾ بيواهه، 6 ڌيئرون ۽ هڪ پٽ ڇڏيو آهي.










