پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جي واقعن کي روڪڻ لاءِ گلابي بٽڻ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.سينٽرل پوليس آفيس موجب، پوليس عورتن کي هراسان ڪرڻ جي واقعن کي روڪڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ گلابي بٽڻ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت پهرين مرحلي ۾ پشاور ۾ 68 گلابي بٽڻ لڳايا ويندا. گلابي بٽڻ اتي لڳايا ويندا جتي عورتن جي گهڻي آمدورفت هوندي.سي پي او جو چوڻ آهي ته گلابي بٽڻ ذريعي عورتون بروقت پوليس کي پنهنجي شڪايتن بابت آگاهي ڏئي سگهنديون. گلابي بٽڻ پوليس ڪنٽرول روم سان ڳنڍيل هوندو. هن بٽڻ کي دٻائڻ سان ڪنٽرول روم شڪايت ڪندڙ جي وڊيو ۽ آواز وصول ڪندو.سينٽرل پوليس آفيس موجب، عورتن کان علاوه ٻيا شهري به هن سهولت مان فائدو حاصل ڪري سگهندا، جڏهن ته گلابي بٽڻ اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن تي بروقت جواب ڏيڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو.










