ڪي پي، عبوري حڪومت ۾ ڀرتي ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو فيصلو

ڪي پي، عبوري حڪومت ۾ ڀرتي ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخوا جي اعليٰ تعليم کاتي عبوري حڪومت دوران ڀرتي ڪيل ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان اعليٰ تعليم کاتي سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن، ڊائريڪٽرن ۽ لاڳاپيل اختيارين کي خط لکيو، خط جي متن موجب سرڪاري يونيورسٽيون ۽ ڊگري ڏيندڙ ادارا قانون تي عمل درآمد کي يقيني بڻائين، ان تي وزارتي ڪميٽي غور ڪيو آهي.خط موجب، هن معاملي تي اسٽيبلشمينٽ ۽ قانون کاتي جي راءِ پڻ حاصل ڪئي وئي آهي، يونيورسٽيون ۽ لاڳاپيل ادارا 10 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو