ڪي سي آر تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ رينجرز کي حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي جِي زمين تان قبضا فوري ڇڏائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، آپريشن دوران پوليس ۽ رينجرز کي مدد ڪرڻ جِي هدايت، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران سيڪريٽري ريلويز چيو ته زمينن تان قبضا ڇڏائڻ ۽ ڪي سي آر جا لنگهه خالي ڪرائڻ وڏو مسئلو آهي، ڪي سي آر لاءِ عدالت جِي مدد گهرجي، ٻي صورت ۾ آئي ڏينهن حادثا پيش ايندا، چيف جسٽس گلزار احمد سيڪريٽري ريلوي کي چيو ته توهان غيرقانوني الاٽمينٽ ڪئي ۽ ماڻهن کي ويهاريو، ريلوي جي زمين ريلوي لاءِ ئي استعمال ٿي سگهي، سپريم ڪورٽ ڪي سي آر منصوبو طئه ٿيل مدي تي شروع ڪرڻ جو حڪم، ڊي جي ريلويز کان هڪ مهيني اندر اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي

پهنجو تبصرو موڪليو