ڪي اليڪٽرڪ نيپرا کي بجلي سستي ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

ڪي اليڪٽرڪ نيپرا کي بجلي سستي ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي کي بجلي فراهم ڪندڙ اداري ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي تجويز نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي.نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ جي جولاءِ جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي قيمت ۾ 3 رپيا 47 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي تجويز ڏني.ڪي اليڪٽرڪ اختيارين جو چوڻ هو ته جولاءِ ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي هئي، برساتن سبب بجلي جي طلب گهٽ ٿي هئي.نيپرا جي چيئرمين توصيف ايڇ فاروقي چيو ته اسان وٽ ٻيون به ڄاڻ آهن، جولاءِ ۾ ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ تمام گهڻي ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو