ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين لاءِ نيپرا جي خوشخبري

ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين لاءِ نيپرا جي خوشخبري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي سستي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪي اليڪٽرڪ جي ڊسمبر جي مهيني جي فيول چارج ايڊجسٽمينٽ ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن تحت بجلي جي قيمت ۾ 2 رپيا 59 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي آهي. نيپرا جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي قيمت ۾ 1 رپيا 50 پئسا گهٽتائي جي درخواست ڪئي هئي. نوٽيفڪيشن موجب ٽيرف ۾ گهٽتائي ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي لاڳو ٿيندي، جڏهن ته ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ صرف مارچ جي بلن تي لاڳو ٿيندي، ٽيرف ۾ گهٽتائي 300 يونٽن تائين استعمال ڪندڙ، لائف لائن ۽ زرعي صارفين تي لاڳو نه ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو