ڪي اليڪٽرڪ تي ڏنڊ، شهري کي 92 لک ڏيڻ جو حڪم

ڪي اليڪٽرڪ تي ڏنڊ، شهري کي 92 لک ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي پي ايم ٽي تان شهري جي زخمي ٿيڻ جي ڪيس ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي 92 لک رپيا هرجاڻي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ سينيئر سول جج رزاق حسين ڪي اليڪٽرڪ جي پي ايم ٽي جي ڪري زخمي شهري جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار جي وڪيل عثمان فاروق واقعي بابت عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته واقعو 15 نومبر 2018ع تي اورنگي ٽائون صادق آباد ۾ پيش آيو جتي پي ايم ٽي اليڪٽرڪ جي لاپرواهي سبب ڪري پئي.وڪيل چيو ته عاصم امام سخت زخمي آهي، حادثي کانپوءِ سندس جسم جا ڪيترائي حصا اڃا به معذور آهن.درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته ڪي اليڪٽرڪ تي وڏو ڏنڊ لاڳو ڪيو وڃي ۽ هرجاڻي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.عدالت ڪي اليڪٽرڪ کي متاثر شهري کي 92 لک رپيا معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت چيو ته ڪي اليڪٽرڪ 30 ڏينهن اندر شهري کي معاوضي جي رقم ادا ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو