ڪي اليڪٽرڪ اڇو هاٿي قرار ، لوڊشيڊنگ ۽ اوور بلنگ جي مذمت

ڪي اليڪٽرڪ اڇو هاٿي قرار ، لوڊشيڊنگ ۽ اوور بلنگ جي مذمت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران اسماعيل شهر ۾ جاري بدترين لوڊشيڊنگ ۽ اوور بلنگ جي مذمت ڪئي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران اسماعيل چيو ته ڪي اليڪٽرڪ اڇو هاٿي بڻجي وئي آهي، ڪراچي جي اضافي بجلي بند ڪئي وئي آهي، رائيونڊ محل ۽ بلاول هائوس آباد ٿي ويا آهن. هن چيو ته ڪراچي جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ هڪ وزارت تي ڪراچي کان ڌار ٿي ويا آهن. اڳوڻي گورنر ڪي اليڪٽرڪ کي فوري طور پنهنجو موقف درست ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو