ڪراچي ۽ ڪيٽي بندر ۾ ڪرنٽ لڳڻ ۽ وڄ ڪرڻ سبب 4فوت

ڪراچي ۽ ڪيٽي بندر ۾ ڪرنٽ لڳڻ ۽ وڄ ڪرڻ سبب 4فوت

ڪراچي/ ڳاڙهو(نمائندن وٽان) ڪراچي شهر ۽ ٺٽو جي سامونڊي پٽي ۾ گجگوڙ سان گڏ تيز بارش دوران بجلي جي ڪرنٽ ۽ آسماني بجلي ڪرڻ سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪيٽي بندي واري علائقي ۾ وڄ ڪرڻ سبب 2 ڌنار فوت ۽ هڪ ٻار زخمي ٿي پيا. جڏهن ته سائيٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او سليم اعواڻ موجب روڊ تي مدرسي وٽ بجلي جي تار ٻن ڌار ڌار موٽر سائڪل سوارن ڪري پئي جيڪي موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. سندن سڄاڻپ عبدالرئوف ۽ عبدالمنان طور ٿي آهي، جن جا لاش عباسي شهيد اسپتال پهچايا ويا آهن. ڳاڙهو مان علي رضا پيروزاڻي موجب تعلقي ڪيٽي بندر جي يوسي ٻيٽ ميهار ۾ چوپايو مال چاريندڙ 2 ڌنارن ۽ ھڪ ٻارڙي مٿان وڄ ڪري پئي نتيجي ۾ 16 سالن جو اڪبرشاهه ولد صديق شاهه ڳوٺ ڪريمڏنو شاهه ۽ ساڻس گڏ مينهون چاريندڙ 35 سالن جو ابراهيم عرف ابو پونبر ولد محمدرحيم پونبر اسپتال آڻيندي رستي ۾ فوت ٿي ويا. جڏھن ته 6 سال جو ٻارڙو سجاد شاهه زخمي ٿي پيو.

دريا خان شر موجب ملير جي اڪثر ڳوٺن، نيو ڪراچي، ڪورنگي، بلال ڪالوني، قائد آباد، ڀينس ڪالوني، ابراهيم حيدري، گلشن حديد، نيو ڪراچي، لانڍي جي ڪيترن علائقن ۾ بجلي غائب آهي. روڊ تي پاڻي هئڻ سبب ڪجهه جاين تي موٽر سائيڪل سوار سلپ ٿيڻ سبب روڊ حادثا به رپورٽ ٿيا آهن. موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته وڌيڪ بارش جو امڪان آهي. ميٽ آفس موجب ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ بارش ناظم آباد ۾ 55 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته صدر ۽ سورجاڻي ٽائون ۾ 45 ملي ميٽر، لانڍي ۾ 20، مسرور ايئربيس وٽ 32، نيو ڪراچي 27 ۽ شاهراهه فيصل تي 11 ملي ميٽر بارش رڪارڊ ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو