اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيوريٽو ريويو واپس وٺڻ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيوريٽو ريويو واپس وٺڻ جي درخواست تي 10 اپريل تي ان چيمبر ٻڌڻي ڪندو.واضح رهي ته وفاقي حڪومت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيوريٽو ريويو واپس وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.صدارتي ريفرنس خارج ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي دور ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيوريٽو ريويو داخل ڪيو ويو هو.










