اوٽاوا(ويب ڊيسڪ)ڪئناڊا ۾ وڏي پئماني تي جنگل ۾ باهه لڳي وئي، لڳ ڀڳ اتر اولهه وارن علائقن ۾ باهه کان متاثر 22,000 ماڻهو بي گهر ٿي ويا پرڏيهي ميڊيا موجب ڪئناڊا ۾ 1100 ٻيلن ۾ باهه لڳي وئي آهي، ڪلوانا ۽ برٽش ڪولمبيا ۾ جهنگ جي باهه تيزي سان پکڙجي رهي آهي.برطانوي ميڊيا موجب باهه لڳڻ سبب 13.2 هيڪٽر ايراضي سڙي رک ٿي وئي آهي.برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڪينيڊا جي جنگلن ۾ لڳل باهه کي ڏهاڪن جي بدترين باهه چيو پيو وڃي.










