ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا پُٽ جو علاج ڪرايو، امڙ جي اپيل

ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا پُٽ جو علاج ڪرايو، امڙ جي اپيل

قاضي احمد (جاويد جتوئي) راھو ڪالوني جي رھواسي  40 سالا  نوجوان پورھيت  ٽن  معصوم ٻارڙن جو پيءَ گل بھار خاصخيلي گلي جي ڪينسر جھڙي موضي  مرض ۾ مبتلا آھي ھن وقت زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي ان جي علاج تي سندس وارثن گھر جو سمورو الھ تلھ وڪڻي ڇڏيوآھي ھن وقت گھر ۾ بي يارو مددگار بستري تي پيل آھي. سندس پيرسن  امڙ روئيندي ٻڌايو ته  ھن وقت منھنجو پٽ جيڪو گلي جي ڪينسر جھڙي  موضي مرض سبب هاڻي ڪجهه کائي پي به نه ٿو سگهي پٽ جي علاج تي گھر جو سمورو الھ تلھ به وڪڻي ڇڏيو آھي مختلف اسپتالن مان پٽ جو  علاج ڪرايو پر کيس ڪو به فائدو نه ٿيو آهي ۽ گھر ۾ ھن  وقت زندهه لاش جيان بستري تي پيل آھي. ھن ٻڌايو ته  اسان  جي چونڊيل نمائيندن توڙي سرندي وارن ڪا به سار نه لڌي آھي گھر ۾ وڏو ڪمائڻ وارو ڪو به ناھي صرف معصوم ٻارڙا آھن اسان ماني جي ھڪ ويلي لاءِ سخت پريشان آھيون. هن حڪومت سنڌ، چونڊيل نمائيندن ۽ سرندي وارن کي  اپيل ڪئي ته خدا واسطي  پٽ جو علاج ڪرائي سندس زندگي بچائي مدد ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو