ڪراچي(ويب ڊيسڪ) نوان ڪينال ٺاهڻ واري معاملي تي وفاق ۾ ٻئي اتحادي وڏيون پارٽيون مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر آمهون سامهون اچي ويون آهن. ڇنڇر تي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران صوبائي اطلاعات واري وزير اعظميٰ بخاري کان جڏهن ڪينالز بابت سوال ٿيو ته هن چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪينال مخالف سياست افسوسناڪ آهي. هن چيو ته صدر زرداري زباني ڪلامي نه پر لکت ۾ ڪينالز جي منظوري ڏني آهي ۽ ان جا دستاويز موجود آهن. هن چيو ته ٻوڏ دوران جيڪو پاڻي ضايع ٿئي ٿو اسانکي اهو مينيج ڪرڻو آهي. هن پريس ڪانفرنس ته وزيراعظم پاران بجلي جي اگهه ۾ ڏنل رليف کي هاءِ لائيٽ ڪرڻ لاءِ گهرائي پر ان ۾ پي ٽي آءِ جي اندروني جهيڙن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا هڪٻئي جي ڪرپشن جا پول کولي رهيا آهن. ٻئي پاسي سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميڻ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظميٰ بخاري جي بيان تي افسوس جو اظهار ڪندي کانئس سوال ڪيو ته بخاري صاحبه ڇا اوهان آئين پڙهيو آهي؟ ان ۾ ڪٿي لکيل آهي ته صدر منظوري ڏئي سگهي ٿو؟. هن چيو ته هي 7 ڪروڙ ماڻهن جي جياپي جو سوال آهي ۽ اوهان ان کي سياست ٿا چئو؟ شرجيل چيو ته مان سمجهان ٿو ته ڪو به عقلمند انسان اهڙو بيان نٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي چولستان ڪينال جي هر فورم تي مخالفت ڪئي آهي ۽ ڪالهوڪي جلسي ۾ بلاول صاحب واضح ڪيو ته هن معاملي تي اسان حڪومت سان نه پر عوام سان گڏ آهيون ۽ بلاول صاحب چئني صوبن کي گڏجي معاملا طئي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.










