لاهور (ويب ديسڪ) اداڪار ۽ گلوڪار علي ظفر پاران ميشا شفيع خلاف داخل ڪرايل بدناموسي ۽ هرجاڻي واري ڪيس جي ڪاروائي روڪڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي. درخواست ميشا شفيع پنهنجي وڪيل ثاقب جيلاني معرفت لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ داخل ڪئي آهي. جنهن تي عدالت ڪاروائي ڪندي علي ظفر کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي علي ظفر ڪي جواب ڏيڻ لاءِ طلب ڪيو آهي. هن درخواست ۾ چيو آهي ته منهنجي شاهدن خلاف ايف آءِ اي ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ هو ذهني دٻاءَ جو شڪار آهن.










