ڪراچي ( رپورٽر ) جي ڪياماڙي واري علائقي ماڙيپور ۾ ڪي اليڪٽرڪ طرفان ھٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ اوور بلنگ خلاف ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو احتجاجي مظاھري ۾ سياسي سماجي ۽ قومپرست اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مظاھري ۾ سماجي اڳواڻ ڪامريڊ علي محمد بھراڻي۔زيب برھماڻي سماجي تنظيم شاھ عبدالطيف ڀٽائي ويلفيئر جي اڳواڻن سر شيرعلي جسڪاڻي۔روشن علي جسڪاڻي۔عبدالحق جسڪاڻي۔محمد افضل جسڪاڻي۔پي پي اڳواڻ۔شھزاد برھماڻي۔الطاف برھماڻي۔حاڪم علي ۔محمد اسلم جسڪاڻي۔محاذ پٺاڻ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڪي اليڪٽرڪ خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ماڙيپور ۾ ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ھنن چيو ته پھرين رات جو بجلي بند نه ڪئي ويندي ھئي پر ھاڻي رات جو به بجلي بند ڪري پريشان ڪيو پيو وڃي سندن چوڻ ھو ته ھڪ طرف ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ته ٻئي پاسي اوور بلنگ ڪري ڳوٺاڻن سان ويساھ گھاتي ڪئي پئي وڃي اڳواڻن آعلئ اختيارن کان مطالبو ڪيو آھي ته ڪي اليڪٽرڪ رياست مٿان رياست قائم ڪئي آھي ان بي لغام گھوڙي کي لغام ڏئي لوڊشيڊنگ تي ضابطو آندو وڃي










